بابا بهار بخش خان

بابا بهار بخش خان (ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ):بهار بخش خان ولد حاجي قـطـب الـديـن خـان 1902ع ۾ ريـاست بيڪانير هندستان ۾ جنم ورتو. بهار بخش خان طبلي وڄائڻ جي فن جي سکيا غلام حسين خان عرف گامي خان کان ورتي هئي، جيڪو دهلي گهراڻي جي بابا سڌار خان (طـبـلي نـواز) جـي اولاد مــان هــو. بهار بخش خان ڪٿڪ جي تربيت بنارس گهراڻي جي جانڪي پرڪاش کان ورتي. بهار بخش خان'>بابا بهار بخش خان طبلي جو تمام وڏو ماهر رهيو آهي، سندس گهڻو وقت سنڌ جي برک گائڪ ۽ راڳي خانصاحب خير محمد خان سان گذريو. بهار بخش خان'>بابا بهار بخش خان جا ڪيترائي شاگرد آهن، جن ۾ استاد مهر الدين خان ڪٿڪ، هزاري لال اگروال ڪٿڪ، سندس ننڍو ڀاءُ محمد صديق، مرحوم اڪبر حسين سمراٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪٿڪ ڊانسر شامل آهن. گنگا نگر، جگجيت ۽ چترا سنگهه، جــنــهـن فـتـح مـحـمـد جي اڪيڊميءَ ۾ سکيا ورتي، اهو فتح محمد پڻ بـابـا بـهـار بـخـش خـان جو شاگرد هو. فلم انڊسٽري جي ڊانس ڊائريڪٽر بابا عاشق حسين جو فرزند پڻ سندس شاگرد رهيو. بابا بهار بخش 22 جنوري 1979ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه فقير محمود بخاريءَ جي مزار پٺيان آهي.


لفظ بابا بهار بخش خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

بهار بخش خان 1902ع ۾ ريـاست بيڪانير هندستان ۾ جنم ورتو


1979.01.22  عيسوي

بابا بهار بخش 22 جنوري 1979ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امرت خان
برڪلي
آغا تاج محمد خان
دادا روچيرام ٿانواڻي
راڻو چندن
ٿامس جيفرسن
جبريل بن بختيشوع
سعدالله مفتي
نواب احمد خان لغاري
عبدالواحد هاليپوٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون